ندو واپاري آسن سني سونارو کي ڌمڪي آميز خط ۽ موتمار ڌمڪيون ملڻ واري مامري کانپوءِ سڪرنڊ ۾ ھندو واپارين ۾ خوف جي لھر ڇانيل آهي،متاثر واپاري سان يڪجهتي طور سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاھ سندس سونارڪي دڪان تي پھچي يڪجهتي جو اظھار ڪندي چيو ته جتي قانون لاڳو ڪندڙ ڪمزور ھجن اتي اھڙي قسم جا مامرا عام بڻيل آھن خاص طور اتر سنڌ ۾ ته ھاڻ شام ٿيندي امن امان جي صورتحال خراب ٿيو وڃي سنڌ جي ھندو واپارين کي ٽارگيٽ بڻائي اغوا ڪرڻ سميت ڀنگ لاءِ تنگ ڪيو پيو وڃي،ھاڻ نوابشاھ ضلعي ۾ پڻ اھڙي باھ ڀڙڪي رهي آهي