پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ ٻي ٽيسٽ ميچ سڀاڻي کيڏي ويندي، جڏهن ته قومي پليئنگ اليون ۾ هڪ تبديليءَ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب، ملتان ٽيسٽ ۾ امام الحق جي شموليت جو امڪان آهي، سليڪشن ڪميٽي ۽ ٽيم مئنيجمينٽ ملتان ۾ اضافي بيٽر کي کيڏائڻ چاهي ٿي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ٻي ٽيسٽ ۾ امام الحق کي شامل ڪيو ويو ته هو محمد حريرا سان گڏ اننگز جي شروعات ڪندو.
ذريعن موجب، امام الحق جي ٽيم ۾ شموليت سبب فاسٽ بالر خرم شهزاد کي پليئنگ اليون مان ڊراپ ڪيو ويندو.
ياد رهي ته پاڪستان کي ويسٽ انڊيز خلاف ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ هڪ ٻڙي جي سرسي حاصل آهي، ميزبان ٽيم پهرين ٽيسٽ ۾ مهمان ٽيم کي 127 رنسن تان شڪست ڏني هئي.