ڀارتي فاسٽ بالر محمد سراج چيمپيئنز ٽرافي ۽ انگلينڊ خلاف ون ڊي سيريز مان ڊراپ ٿيڻ کانپوءِ وڏو فيصلو ڪري ورتو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، محمد سراج ورڪ لوڊ مينيجمينٽ سبب 23 جنوري تي رنجي ٽرافي ۾ هماچل پرديش خلاف ميچ نه کيڏندو.
ميڊيا رپورٽس موجب، ڀارتي فاسٽ بالر ودرڀ خلاف سيزن جي آخري ميچ ۾ حيدرآباد جي ٽيم جي نمائندگي ڪندو.
واضح رهي ته ڀارتي سليڪٽرز چيمپيئنز ٽرافي لاءِ محمد سراج جي جاءِ تي ارشديپ سنگهه کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو هو.
ان موقعي تي ڪپتان روهت شرما جو چوڻ هو ته سراج کي پراڻي بال سان بالنگ ڪندي مشڪل پيش اچي ٿي، ٽيم ۾ هڪ اهڙي بالر جي ضرورت هئي جيڪو وچ وارن ۽ آخري اوورن ۾ نئين بال سان بال ڪري سگهي.