وزيراعظم شهباز شريف جي قومي اسيمبلي آمد جي موقعي تي تحريڪ انصاف ميمبرن احتجاج ڪيو، جنهن سبب ايوان مڇي بازار بڻجي ويو.
اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ وزيراعظم جي پهچڻ تي پي ٽي آءِ ميمبرن احتجاج شروع ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي ”اووو اووو“ جا آواز به ٻڌڻ ۾ آيا.
پي ٽي آءِ ميمبرن جي احتجاج تي ن ليگ ميمبرن طرفان به جوابي نعريبازي ڪئي وئي ۽ ايوان مڇي بازار جو ڏيک ڏيڻ لڳو، ن ليگ ميمبرن وزيراعظم جي چوڌاري حفاظتي ڀت ٺاهي ڇڏي.
اجلاس دوران پي ٽي آءِ ميمبرن باني عمران خان جي حق ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاج ڪيو ۽ مسلسل نعريبازي ڪندا رهيا.
پوءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس سڀاڻي منجهند 2 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.