بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته تحريڪ انصاف جو مقصد اسٽيبلشمينٽ تائين پهچڻ هو ۽ ان ۾ ڪامياب ٿي وئي.
پارليامينٽ ۾ ايراني هٿياربند فوج جي وفد سان ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ باني جي آزادي جو ڪو مطالبو ٻاهرئين ملڪ مان آيو ته پاڪستان پنهنجي مفادن کي سامهون رکي فيصلو ڪندو، اسان اندروني معاملن تي ڪو ٻاهريون پريشر قبول نه ڪنداسين.
هن چيو ته پي ٽي آءِ سان جڏهن ڳالهيون شروع ٿيون ته انهن خلاف ڪيس هلي رهيو هو ۽ شاهديون به اچي چڪيون هيون، انهن پاڻ چيو ته ڪيس جو فيصلو ڳالهين تي اثرانداز نه ٿيندو، سياست ۾ ڳالهيون ٿينديون رهنديون آهن.
سندس موجب پي ٽي آءِ تصديق ڪري ڇڏي ته انهن جا اسٽيبلشمينٽ سان رابطا بحال ٿي ويا آهن، جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ سان رابطا بحال ٿي ويا آهن ته پوءِ اسان سان ڳالهين جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ پي ٽي آءِ جو مقصد هو ته اسٽيبلشمينٽ تائين پهچي ۽ پهچي وئي.
Subscribe to Updates
Get the latest creative news from FooBar about art, design and business.