اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جڊيشل ڪميشن آف پاڪستان سپريم ڪورٽ ۾ 6 ججن جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي.
چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ جڊيشل ڪميشن اجلاس ٿيو، جنهن ۾ 8 نون ججن جي سپريم ڪورٽ ۾ مقرري تي غور ڪيو ويو.
ذريعن موجب جڊيشل ڪميشن جي اجلاس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق کي سپريم ڪورٽ جو جج بڻائڻ جي منظوري ڏني وئي، ان کانسواءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس شفيع صديقي کي به سپريم ڪورٽ جو جج بڻائڻ جي منظوري ڏني وئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس هاشم ڪاڪڙ ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اشتياق ابراهيم کي به سپريم ڪورٽ جو جج بڻائڻ جي منظوري ڏني وئي.
ذريعن ٻڌايو ته جڊيشل ڪميشن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج صلاح الدين پنهور کي سپريم ڪورٽ جو جج بڻائڻ جي منظوري ڏني ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شڪيل احمد جي به سپريم ڪورٽ ۾ جج طور مقرري جي منظوري ڏني وئي.
ذريعن موجب لاهور هاءِ ڪورٽ مان جج سپريم ڪورٽ ۾ مقرر ڪرڻ جو معاملو ملتوي ڪيو ويو.
ذريعن ٻڌايو ته جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب کي سپريم ڪورٽ ۾ عارضي جج مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، سندس مقرري هڪ سال لاءِ ڪئي وئي آهي، سپريم ڪورٽ ۾ ٽيڪس ڪيسن جي وڌندڙ بار سبب جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب جي مقرري عمل ۾ آندي وئي.
ذريعن موجب جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب کي مستقل ڪري سگهجي ٿو، سندس مقرري آرٽيڪل 181 تحت ڪئي وئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ جي سينيئر ججن جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس منيب اختر جڊيشل ڪميشن اجلاس جو بائيڪاٽ ڪيو، ان کانسواءِ بيرسٽر علي ظفر ۽ بيرسٽر گوهر به اجلاس جو بائيڪاٽ ڪيو.
Subscribe to Updates
Get the latest creative news from FooBar about art, design and business.