ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي نئين دهلي کان فرانس ويندي هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان جي فضائي هدن ۾ سفر ڪيو ۽ اڳ جيان هن ڀيري به پاڪستان حڪومت يا عوام لاءِ ڪو خير سگالي پيغام نه ڇڏيو.
ايوي ايشن ذريعن موجب نريندر مودي خاص جهاز ۾ نئين دهلي کان پيرس وڃي رهيو هو، مودي جو خاص جهاز ”انڊيا ون“ لاهور ڀرسان پاڪستاني فضائي حدن ۾ داخل ٿيو.
ڀارتي وزيراعظم شيخوپورا، حافظ آباد، منڊي بهاوالدين، چڪوال ۽ ڪوهاٽ تي 34 هزار فوٽ جي اوچائي تان لڳ ڀڳ 41 منٽ سفر ڪيو.
ڀارتي ايئر فورس جو بوئنگ 777 جهاز پارا چنار کان افغان فضائي حدن ۾ داخل ٿيو، افغانستان جون فضائي حدون بند آهن پر ڀارتي وزيراعظم کي ان سلسلي ۾ خاص اجازت ڏني ويندي آهي.