اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي غزا بابت بيان کي غير منصفاڻو، تڪليف ڏيندڙ ۽ ڳڻتي جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو.
پرڏيهي آفيس ۾ هفتي واري بريفنگ دوران پرڏيهي کاتي جي ترجمان شفقت علي خان چيو ته پاڪستان فلسطين جي خواهش موجب ٻه رياستي حل جو حامي آهي ۽ جيڪو فلسطيني چاهين ٿا ان جي حمايت ڪري ٿو.
ترجمان غزا ۾ عوام جي منتقلي واري بيان کي غير منصفاڻو، تڪليف ڏيندڙ ۽ ڳڻتي جوڳو قرار ڏنو ۽ مطالبو ڪيو ته عالمي برادري غزا ۾ اسرائيل جي جنگي ڏوهن جو محاسبو ڪري.
ترجمان غزا ۾ اسرائيلي ظلمن جي ڀرپور مذمت ڪندي چيو ته پاڪستان جي فلسطين بابت پوزيشن انتهائي واضح آهي پاڪستان فلسطيني عوام سان گڏ آهي ۽ فلسطينين جي حقِ خود اراديت جي جدوجهد جي حمايت جاري رکندو.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو چوڻ هو ته صدر زرداري بيجنگ ۾ چيني صدر شي جن پنگ ۽ چيني وزيراعظم لي جيانگ سان ملاقات ڪئي.
ترجمان موجب، ملاقات ۾ پاڪستان چين جي اصول تي پنهنجي حمايت جو عزم ورجايو ويو ۽ پاڪستان طرفان چين جي بليٽ اينڊ روڊ قدمن کي اڳتي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي.
Subscribe to Updates
Get the latest creative news from FooBar about art, design and business.