Close Menu
Sindh Digital News

    Subscribe to Updates

    Get the latest creative news from FooBar about art, design and business.

    What's Hot

    جڊيشل ڪميشن سپريم ڪورٽ ۾ 6 ججن جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي

    02/10/2025

    ليبيا ۾ پاڪستاني شهرين کي کڻي ويندڙ ٻيڙي اونڌي، ڏهه لاش ڪڍيا ويا

    02/10/2025

    شادين جي شرح گهٽجڻ سبب معيشت متاثر ٿيڻ جو خدشو، چيني اختياريون پريشان

    02/10/2025
    Facebook X (Twitter) Instagram
    Facebook X (Twitter) Instagram
    Sindh Digital News
    Subscribe Now
    • سائنس ۽ ٽيڪنالاجي
    • شوبز
    • اڄ جي اخبار
    • انٽرنيشنل
    • رانديون
    • صحت
    • معيشت
    • پاکستان
    • سنڌ
    • پهريون صفحو
    Sindh Digital News
    Home » واڌو واهه ڀرسان آپريشن، اڏاوتون ڊاهي پٽ، مزاحمت، ڪيترائي زخمي، 6 گرفتار
    سنڌ

    واڌو واهه ڀرسان آپريشن، اڏاوتون ڊاهي پٽ، مزاحمت، ڪيترائي زخمي، 6 گرفتار

    Sindh DhartiBy Sindh Dharti01/09/2025Updated:01/09/2025No Comments5 Mins Read
    Facebook Twitter Pinterest LinkedIn Tumblr Email
    Share
    Facebook Twitter LinkedIn Pinterest Email

    حيدرآباد ۾ ضلعي انتظاميا قاسم آباد جي واڌو واهه تان حددخليون ڄاڻائي ڪيترائي گهر، دڪان، واڙا ۽ ٻيون اڏاوتون ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيون، ڪارروائي دوران بي گهر ٿيندڙ ماڻهن سخت  احتجاج ڪندي انتظاميا کي ڪارروائي ڪرڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن دوران رهواسين جي پوليس، انتظاميا جي عملدارن ۽ انڪروچمينٽ عملي سان سخت ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي. عملي مٿان پٿراءُ ٿيو، جڏهن ته پوليس ماڻهن ڇڙو ڇڙ ڪرڻ جي لاءِ هوائي فائرنگ ۽ شيلنگ ڪئي. پٿراءُ ۾ هڪ ڊي ايس پي سميت 10 اهلڪار ۽ عملي جا ماڻهو زخمي ٿي پيا. جڏهن ته ڇڪتاڻ جي نتيجي ۾ ڪجهه رهواسين جي زخمي ٿيڻ جا پڻ اطلاع آهن. پوليس 6 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو. ضلعي انتظاميا پاران قاسم آباد جي ڳوٺ ڪرن خان شورو کان نسيم نگر باءِ پاس تائين واڌو واھه جي ٻنھي ڪپرن  غيرقانوني اڏاوتن خلاف ڪارروائي ڪئي، اسسٽنٽ ڪمشنر قاسم آباد جي اڳواڻي ۾ اينٽي انڪروچمينٽ عملو جيئن ئي علائقي ۾ پھتو ته رھواسي عورتن ۽ ٻارن سميت گھرن کان نڪري آيا. جن عملي سان مزاحمت ڪندي گهر ڊاهڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. جنهن دوران پٿراءُ پڻ ۽ گاڏين کي نقصان پھتو، جنھن تي عملو پوئتي ھٽي ويو ۽ پوءِ عورت اهلڪارن سان گڏ پوليس جي وڏي نفري طلب ڪئي وئي. وڌيڪ نفري اچڻ تي ماڻھن پوليس اهلڪارن سان به مزاحمت ڪندي پٿراءُ ڪيو، پٿراءُ ۾ ڊي ايس پي قاسم آباد ۽ 10 اھلڪار زخمي ٿي پيا. پوليس ماڻھن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ ھوائي فائرنگ ڪرڻ سان گڏ لٺباري ڪندي شيلنگ به ڪئي، ان دوران ڇھن رھواسين کي گرفتار پڻ ڪيو ويو، جنھن بعد ماڻھن کي ڇڙوڇڙ ڪري قبضن خلاف ڪارروائي ٻيھر شروع ڪندي ڪيترائي دڪان، گھر ۽ مال جا واڙا ڊاھي پٽ ڪيا ويا، ڪارروائي دوران ڊپٽي ڪمشنر به پھتو. جنھن غيرقانوني اڏاوتن خلاف ڪارروائي جو جائزو ورتو. ھوڏانھن رھواسين جو چوڻ هو ته ھو گذريل ڪيترن ئي سالن کان هن علائقي ۾ رهون پيا، سندن علائقي ۾ گئس، بجلي ۽ پاڻي جا ڪنيڪشن به آھن، جيڪڏھن سندن آبادي غيرقانوني آھي ته پوءِ ضلعي انتظاميا يا لاڳاپيل کاتن کين اهي سھولتون ڇو ڏنيون، ضلعي انتظاميا کين ھن سخت ٿڌ ۾ بي گھر ڪري ظلم ڪيو آھي. ٻئي طرف ضلعي عملدارن جو چوڻ هو ته واڌو واھه جي سرڪاري ايراضي تي ٿيل قبضا ختم ڪرڻ لاءِ آپريشن ڪيو پيو وڃي. جيڪو قبضن جي مڪمل خاتمي تائين جاري رهندو، عملدارن ٻڌايو ته واڌو واھه جي ٻنھي پاسن کان ماڻھن قبضا ڪري گھر، دڪان ۽ ٻيون اڏاوتون ٺاھي ڇڏيون ھيون، سرڪاري ايراضي تي ٿيل قبضا ختم ڪرڻ لاءِ نوٽيس ڏيڻ کانپوءِ ٽن ڏينھن جي مھلت به ڏني وئي ھئي. ڊي سي حيدرآباد زين العابدين ميمڻ جو چوڻ آهي ته اڄ کان ٻيهر شروع ٿيندڙ ڪارروائي ۾ رينجرز کي طلب ڪيو ويندو. پوليس سان گڏ رينجرز اهلڪار به موجود رهندا. واڌو واهه جي ٻنهي ڪپن تان هر صورت ۾ غير قانوني اڏاوتون ختم ڪيون وينديون.

    1. واڌو واهه ڀرسان غريبن جا گهر ڊاٿا پيا وڃن:اياز لطيف

    حيدرآباد(رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي قاسم آباد ۾ واڌو واھ ڀرسان 50 سالن کان قائم گھرن  کي حددخليون ڄاڻائي ڊاھڻ، رھواسين جي مٿان فائرنگ، شيلنگ ڪرڻ ۽ گرفتارين جي مذمت ڪندي چيو آھي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت سنڌ جي وڏن شھرن ۾ لکين غير قانوني افغاني، بنگالي، بھاري ۽ ٻيا پرڏيھي غير قانوني ڪالونيون ٺاھي قبضا ڪري ويٺل آھن، سپريم ڪورٽ جي حڪم باوجود انھن غير قانوني پرڏيهين کي نيڪالي نٿي ڏني وڃي پر قاسم آباد ۾ حڪمران طبقي جي بلڊر مافيا کي نوازڻ لاءِ ڌرتي ڌڻين جا گھر ڊاھيا پيا وڃن،هن چيو ته واڌو واھ ڀرسان غريب ماڻھن جا گھر ڊاھڻ بند ڪيا وڃن. پ پ جا وزير ڪرپشن لاءِ سڄي سنڌ ۾ منشيات فروشن، ڌاڙيلن ۽ بلڊر مافيا جي سرپرستي ڪري رھيا آھن.

    1. عورتون پاڪ ڪتاب کڻي نڪري آيون، عملدارن ۽ اهلڪارن کي واسطا

    حيدرآباد: قاسم اباد جي واڌو واھه ڀرسان حددخلين خلاف ڪارروائي دوران پوليس ڳوڙها آڻيندڙ گئس ۽ لٺ بازي دوران علائقو جنگ جي ميدان جو ڏيک ڏيڻ لڳو. ماڻهو پنهنجا اجها بچائڻ جي لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪندا رهيا. عورتون پاڪ ڪتاب  کڻي نڪري آيون ۽ انتظاميا جي عملدارن ۽ پوليس اهلڪارن کي واسطا ڏينديون رهيون، چيو وڃي ٿو ته ڳوٺ ڪرن خان شورو کان واڌو واھه جي ٻيهر بحالي جو پراجيڪٽ شروع ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ سڄي واڌو واهه جي ٻيهر مرمت ڪري ان کي صاف ڪيو ويندو.

    1. سستا گهر ۽ پلاٽ خريد ڪري رهندڙ پورهيتن جا ٻئي هٿ مٿي تي اچي ويا

    حيدرآباد: حيدرآباد ۾ گهرن جي مسواڙ جا اگهه به چوٽ چڙهيل آهن. ٻن ڪمرن واري ننڍري گهر جي عام علائقي ۾ به مسواڙ 18 هزار کان 20 هزار روپين تائين آهي. جڏهن ته بجلي ۽ گئس جا ڳرا بل پڻ الڳ سان ادا ڪرڻا پون ٿا. ان ڪري ڪچين آبادين ۾ سستا گهر ۽ پلاٽ خريد ڪري رهندڙ پورهيت طبقي جا ماڻهو مسواڙ تي گهر وٺڻ جي به سگهه نٿا رکن. حددخلين خلاف ڪارروائي کانپوءِ بي گهر ٿيندڙ ماڻهو مسواڙ تي گهر وٺڻ جي ڪوشش ڪندا، کلي آسمان هيٺ ويهندا يا وري واپس پنهنجن ڳوٺن ڏانهن روانا ٿيندا.

    Share. Facebook Twitter Pinterest LinkedIn Tumblr Email
    Sindh Dharti

    Related Posts

    ڪراچي ۾ عورت سان نازيبا حرڪت ڪندڙ جوابدار گرفتار

    02/10/2025

    چوٽياريون واقعي جي جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪريان ٿي: شازيه مري

    02/08/2025

    حيدرآباد: ايس ايس پي فرخ لنجار موڪل تي روانو، وڪيلن جو احتجاج ختم

    02/08/2025
    Leave A Reply Cancel Reply

    Don't Miss
    پاکستان

    جڊيشل ڪميشن سپريم ڪورٽ ۾ 6 ججن جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي

    By Sindh Dharti02/10/20250

    اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جڊيشل ڪميشن آف پاڪستان سپريم ڪورٽ ۾ 6 ججن جي مقرري…

    ليبيا ۾ پاڪستاني شهرين کي کڻي ويندڙ ٻيڙي اونڌي، ڏهه لاش ڪڍيا ويا

    02/10/2025

    شادين جي شرح گهٽجڻ سبب معيشت متاثر ٿيڻ جو خدشو، چيني اختياريون پريشان

    02/10/2025

    ڀارتي وزيراعظم جو هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستاني فضائي حدن جو سفر

    02/10/2025
    Our Picks

    جڊيشل ڪميشن سپريم ڪورٽ ۾ 6 ججن جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي

    02/10/2025

    ليبيا ۾ پاڪستاني شهرين کي کڻي ويندڙ ٻيڙي اونڌي، ڏهه لاش ڪڍيا ويا

    02/10/2025

    شادين جي شرح گهٽجڻ سبب معيشت متاثر ٿيڻ جو خدشو، چيني اختياريون پريشان

    02/10/2025

    ڀارتي وزيراعظم جو هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستاني فضائي حدن جو سفر

    02/10/2025

    Subscribe to Updates

    Get the latest creative news from SmartMag about art & design.

    Demo
    اسان جون چونڊون

    جڊيشل ڪميشن سپريم ڪورٽ ۾ 6 ججن جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي

    02/10/2025

    ليبيا ۾ پاڪستاني شهرين کي کڻي ويندڙ ٻيڙي اونڌي، ڏهه لاش ڪڍيا ويا

    02/10/2025

    شادين جي شرح گهٽجڻ سبب معيشت متاثر ٿيڻ جو خدشو، چيني اختياريون پريشان

    02/10/2025
    اسان جي باري ۾

    زندگي جي خبرن لاء توهان جو ذريعو

    اسان کي اي ميل ڪريو:
    Sindhdhartikarachi@gmail.com

    Facebook X (Twitter) Instagram Pinterest YouTube WhatsApp
    • سائنس ۽ ٽيڪنالاجي
    • رانديون
    • شوبز
    • پاکستان
    • پهريون صفحو
    All Rights Reserved by Sindh Dharti News © 2024

    Type above and press Enter to search. Press Esc to cancel.

    • Login
    • Sign Up
    Forgot Password?
    Lost your password? Please enter your username or email address. You will receive a link to create a new password via email.
    body::-webkit-scrollbar { width: 7px; } body::-webkit-scrollbar-track { border-radius: 10px; background: #f0f0f0; } body::-webkit-scrollbar-thumb { border-radius: 50px; background: #dfdbdb }