ڪراچي گئس پريشر وڌائڻ لاءِ استعمال ڪئي ويندڙ مشين ڦاٽڻ سان گهر ۾ خوفناڪ ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ عورت زخمي ٿي پئي.
ڪراچي جي علائقي ڪورنگي ڪراسنگ ڀٽائي ڪالوني ۾ هڪ گهر ۾ گيس ليڪيج سان ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ عورت زخمي ٿي پئي.
ريسڪيو اختيارين ٻڌايو ته حادثو گيس ڇڪيندڙ مشين ڦاٽڻ سان پيش آيو، زخمي عورت کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته گيس پريشر گهٽجڻ سبب ماڻهو گهرن ۾ ڪمپريسر لڳائيندا آهن، جيڪو خطرناڪ آهي ۽ ان سبب ڪيترائي حادثا پيش ايندا آهن.