وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته آءِ ايم ايف کي غلط رستو ڏيکاريو ويو، وفاق اسان کي بند گهٽي ۾ بيهاري ڇڏيو آهي.
سنڌ اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو ته زرعي ٽيڪس اڳ به لاڳو هو ۽ ماڻهو اهو ٽيڪس ڏئي رهيا آهن، سنڌ روينيو بورڊ هر سال پنهنجا هدف پورا ڪيا آهن، آءِ ايم ايف سان ڳالهائڻ وفاقي حڪومت جو ڪم آهي پر صوبن کي شامل نه ڪرڻ غلط آهي، اسان اڳ ئي زرعي ٽيڪس گڏ ڪندا هئاسين، گذريل سال مئي ۾ وفاق چيو ته اهو ٽيڪس ايف بي آر گڏ ڪندو، وزيراعظم پاڻ ڪيترائي ڀيرا چئي چڪو آهي ته ايف بي آر ڪرپشن جو ڳڙهه آهي.
هن چيو ته ايف بي آر پاڻ آءِ ايم ايف کي چيو ته زراعت تي ٽيڪس ناهي، ايف بي آر پاڻ هدف پورا ناهي ڪندو، ايف بي آر پنهنجون ناڪاميون لڪائڻ لاءِ چيو ته زرعي شعبو ٽيڪس ناهي ڏيندو، اسان کي چيو ويو ته ان تي صحيحون ڪيو پر اسان منع ڪيو، اسان چيو ته اهو صوبائي معاملو آهي ۽ صوبي ۾ رهندو، اسان ته چئون ٿا سيلز ٽيڪس به صوبن کي ڏنو وڃي، وفاقي ٽيڪس ۾ صوبن جو به حصو هوندو آهي.
سندس چوڻ هو ته ڪا به حڪومت پنهنجي ماڻهن تي ٽيڪس لڳائي خوش ناهي ٿيندي، اسان کي خبر آهي ته مسئلو ٿيندو ۽ نظرثاني ڪرڻي پوندي، زميندار وٽ اهو آپشن ناهي هوندو ته نقصان جي صورت ۾ ملازم فارغ ڪري، خدشا آهن ته زميندارن کي بهتر آمدني نه ملي ته ٻيو ڪو ڪاروبار ڪندا، زميندار فصل نه ڪندا ته اسان ڇا کائينداسين.
مراد علي شاهه چيو ته وفاق اسان کي بند گهٽي ۾ بيهاري ڇڏيو آهي، آءِ ايم ايف کي غلط رستو ڏيکاريو ويو، اهو بل تڪڙ ۾ پاس ناهي ڪيو پر ڪيترن ئي مهينن کان ڳالهيون هلي رهيون هيون، خيبر پختونخواهه ۽ پنجاب زرعي بل پاس ڪري چڪا، بلوچستان به ڪابينا مان منظور ڪري چڪو، پوءِ اسان تي بندوق تاڻي بيهي رهيا، چيو ويو زرعي ٽيڪس نه لڳايو ويو ته آءِ ايم ايف جي ٽيم نه ايندي.
Subscribe to Updates
Get the latest creative news from FooBar about art, design and business.