خيبر پختونخواهه جي مختلف علائقن ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشنز ۾ 19 خارجي مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب 6 ۽ 7 جنوري تي خيبر پختونخواهه ۾ ٽن الڳ الڳ ڪارروائين ۾ 19 خارجين کي ماريو ويو.
بيان ۾ چيو ويو ته خارجين جي موجودگي جي ڳجهي اطلاع تي سيڪيورٽي فورسز طرفان پشاور ضلعي جي علائقي متني ۾ آپريشن ڪيو ويو ۽ ان دوران سيڪيورٽي فورسز خارجين جي ٺڪاڻي تي اثرائتي طريقي سان نشانو بڻايو، ڪارروائي ۾ 8 دهشتگرد مارجي ويا.
هوڏانهن مهمند ضلعي جي شهري علائقي بائيزئي ۾ به سيڪيورٽي فورسز ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي ۽ 8 دهشتگرد مارجي ويا.
ڪرڪ ضلعي ۾ ٽين ڪارروائي ۾ سيڪيورٽي فورسز فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 3 خارجين کي ماريو.
بيان موجب ڪارروائين دوران 3 بهادر جوان گلگت بلتستان جي ضلعي غذر سان واسطو رکندڙ 38 ورهين جو لانس حوالدار عباس علي، سڪردو ضلعي سان واسطو رکندڙ 37 ورهين جو نائيڪ محمد نذير، اٽڪ ضلعي جو رهواسي 37 ورهين جو نائيڪ محمد عثمان شهيد ٿي ويا.
Subscribe to Updates
Get the latest creative news from FooBar about art, design and business.
خيبر پختونخواهه ۾ سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروائيون، 19 خارجي مارجي ويا، 3 جوان شهيد

Paramilitary soldiers patrol Shabqadar, north of Peshawar November 12, 2008. A suicide car-bomber killed three Pakistan soldiers and wounded four in an attack on a military camp in the northwestern town of Shabqadar, 35 km (20 miles) north of Peshawar and close to the Mohmand tribal region. REUTERS/Stringer (PAKISTAN)