پاڪستاني اداڪار گور رشيد ۽ اداڪارا ڪبريٰ خان جي شادي جون تياريون شروع ٿيڻ جون خبرون اچي رهيون آهن.
سوشل ميڊيا پيجز تي ٻنهي جي شادي جي تيارين جي حوالي سان دعويٰ ڪئي پئي وڃي.
ٻنهي اداڪارن جي شادي جي دعويٰ گوهر رشيد جي انسٽاگرام جي هڪ وڊيو پوسٽ کانپوءِ سامهون آيا آهن.
وڊيو پوسٽ ڪندي گوهر رشيد بسم الله 2025 لکيو آهي، وڊيو ۾ شازيا وجاهت، وجاهت رئوف ۽ ان جا ٻيا دوست به موجود آهن.
جنهن کانپوءِ اها دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته اهي شادي جون تياريون ڪري رهيا آهن، شادي ڪراچي ۾ ڌوم ڌام سان ڪئي ويندي جنهن لاءِ اداڪارن گذريل رات جهمر جي تياري به ڪئي آهي.
ياد رهي ته ٻنهي جي گهري دوستي ۽ ويجهڙائي کان مداح واقف آهن.
گوهر رشيد هڪ انٽرويو ۾ اهو به چيو هو ته مان اداڪارا کانسواءِ هاڻي زندگي گذارڻ جو سوچي به نٿو سگهان، جڏهن ته مان ان جي باري ۾ اهو سڀ ڪجهه ٻڌائي سگهان ٿو جيڪو ڪو مڙس زال جي باري ۾ ٻڌائي.