ڪينيڊين وزيراعظم جسٽن ٽروڊو استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب جسٽن ٽروڊو چيو آهي ته هو حڪمران جماعت لبرل پارٽي طرفان نئون سربراهه چونڊڻ کانپوءِ عهدو ڇڏي ڏيندو، جيڪڏهن پارٽي جا اندروني اختلاف هجن ته هو ايندڙ اليڪشن ۾ بهترين چونڊ نه ٿي سگهندو.
53 ورهين جي جسٽس ٽروڊو 2015 ۾ ڪينيڊا جي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀاليو هو ۽ ان کانپوءِ به مسلسل ٻه چونڊون کٽي چڪو آهي.
سندس چوڻ هو ته جيستائين متبادل جي چونڊ نٿي ٿي وڃي تيستائين پارٽي سربراهه ۽ وزيراعظم طور پنهنجي عهدي تي ڪم ڪندو رهندو.