اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ باني عمران خان جي توشا خانا ٽو ڪيس ۾ ضمانت منظوري جو تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.
هاءِ ڪورٽ تفصيلي فيصلي ۾ اڳوڻي وزيراعظم خلاف توشا خانا ٽو ڪيس کي وڌيڪ انڪوائري جو ڪيس قرار ڏئي ڇڏيو.
جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب سببن تي ٻڌل 14 صفحن جو تفصيلي فيصلو جاري ڪيو .
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ لکيو ته بلغاري سيٽ جو تحفو توشا خانا ۾ جمع نه ڪرائڻ تي ڪارروائي ٺهي ئي نٿي، رولز موجب، تحفي جي رسيد جمع نه ڪرائڻ تي ڪارروائي ڪري سگهجي ٿي، جڏهن ته تحفو جمع نه ڪرائڻ تي ڪارروائي ٿي ئي نٿي سگهي تنهنڪري هي وڌيڪ انڪوائري جو ڪيس آهي.
عدالتي فيصلي موجب، پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ سندس گهرواري مٿان سعوي ولي عهد کان بلغاري جيولري سيٽ جو تحفو توشاخانا ۾ جمع نه ڪرائڻ جو الزام آهي.
فيصلي ڄاڻايو ويو آهي ته پي ٽي آءِ باني ۽ سندس گهرواري جي خلاف توشا خانا ۾ جمع نه ڪرائڻ تي ڪرمنل ڪارروائيشروع ڪئي وئي، پراسيڪيوٽر موجب تحفو جمع نه ڪرائي پي ٽي آءِ باني ۽ سندس گهرواري پروسيڪر جي ڀڃڪڙي ڪئي، پراسيڪوٽر جي موجب تحفو توشا خانا ۾ جمع نه ڪرائي ڪرمنل بريچ آف ٽرسٽ ڪيو ويو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ باني ۽ سندس گهرواري دٻاءُ وجهي تحفي جي قيمت گهٽ لڳائڻ جو به الزام آهي.
الزام آهي ته جيولري سيٽ گهٽ قيمت لڳائي وٺڻ سان قومي ناڻي کي 3 ڪروڙ 28 لکن جو نقصان ٿيو، ايف آءِ اي چالان موجب تحفي جي رسيد سان گڏ تحفو جمع ڪرائڻ پڻ ضروري هو.
فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته 2018ع جي توشانا خانا رولز موجب تحفو نه پر رسيد جمع ڪرائڻ لازمي هو، ان ڳالهه کان انڪار ناهي ڪيو ويو ته پي ٽي آءِ باني ڊپٽي ملٽري سيڪريٽري ذريعي رسيد توشا خانا ۾ جمع ڪرائي، سراسري طور تحفو جمع نه ڪرائڻ تي ڪارروائي شروع نٿي ڪري سگهجي.
عدالتي فيصلي موجب، ان معاملي مان نڪرڻ لاءِ 2023ع ۾ ڪابينا ڊويزن آفيس ميمورينڊم ۾ ترميم ڪئي، آفيس ميمورنڊم ۾ ترميم ڪري رسيد جي جاءِ تي تحفو جمع ڪرائڻ تي ڪارروائي جو لکيو ويو.
فيصلي موجب، پراسيڪيورٽر به مڃيو ته آفيس ميمورينڊم ٻه سال اڳ ٿيل عمل تي لاڳو نٿو ٿي سگهي، عدالت جي عارضي تعين موجب، توشاخانا ڪيس وڌيڪ انڪوائري ڪيس آهي، پراسڪيوٽر زور ڏنو ته پي ٽي آءِ باني توشا خانا ون ۾ به سزا يافته آهي انڪري ضمانت جو حقدار ناهي، عمران خان جي توشا خانا ون ڪيس ۾ سزا نيب پراسيڪيوٽر جي اعتراض نه ڪرڻ تي معطل ٿي چڪي آهي.
عدالت فيصلي ۾ لکيو ته نيب پراسيڪيوٽر توشا خانا ون ڪيس بي ظابطگين سبب سزا ڪالعدم ڪري رمانڊ بيڪ ڪرڻ جي پڻ استدعا ڪري چڪو، ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر تحفي جي گهٽ قيمت لڳائڻ ۾ پي ٽي آءِ باني جي اثرانداز ٿيڻ واري پهلوءَ تي زور ڏنو، ايف آءِ اي جو اهو ڪيس ناهي ته پي ٽي آءِ باني يا سندس گهرواري سڌي ريت ڌمڪي ڏني يا دٻاءُ وڌو.
هاءِ ڪورٽ جي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته تحفي جي قيمت جو تيعن ڪندڙ صهيب عباسي جو بيان به اڃا تائين ٽرائل ڪورٽ جي آڏو رڪارڊ ناهي ٿيو، صهيب عباسي نيب چيئرمين طرفان معافي ملڻ تي ڪيس ۾ سلطاني شاهد بڻيو، ايف آءِ اي اختيارين طرفان صهيب جي معافي بابت ڪجهه سامهون ناهي آيو، پي ٽي آءِ باني ۽ سندس گهرواري تي گراف جيولري سيٽ حاتل ڪرڻ بابت الزام لڳايو ويو، تحفي جي رقم جمع ڪرائڻ جي رسيد پي ٽي آءِ باني نه پر بشريٰ بي بي جي نالي تي جاري ڪئي وئي.
عدالتي فيصلي موجب، پي ٽي آءِ باني جي عمر 72 ورهيه آهي ۽ ان ڪيس ۾ چئن مهينن کان وڌيڪ عرصي تائين گرفتار آهي، ڪيس ايف آءِ اي کي منتقل ٿيڻ بعد جاچ آفيسر پي ٽي آءِ باني کان سوال ڪرڻ جي ضرورت محسوس نه ڪئي.
فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ باني خلاف ريفرنس نيب داخل ڪيو هو ان جو مطلب آهي ته جاچ مڪمل ٿي چڪي هئي، پي ٽي آءِ باني تي فرم جرم لاڳو ناهي ڪيو ويو، ٽرائل جلد مڪمل ٿيندي نظر نه پيو اچي، ڪيس جا دستاويزي ثبوت پهريان ئي پراسيڪيوشن جي قبضي ۾ آهن، ٽيمپرنگ جو ڪو خدشو نه آهي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ فيصلي ۾ لکيو آهي ته پي ٽي آءِ باني ضمانت جي رعايت جو غلط استعمال نه ڪري ۽ هر ٻڌڻي تي ٽرائل ڪورٽ ۾ پيش ٿئي، جيڪڏهن پي ٽي آءِ باني ضمانت جو غلط استعمال ڪري ته پراسيڪيوشن ضمانت رد ڪرڻ جي درخواست داخل ڪري سگهي ٿي.
ياد رهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي توشاخانا ٽُ ڪيس ۾ ضمانت منظور ڪندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.
توشاخانا ٽو ڪيس ۾ اڳوڻو وزيراعظم عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي نامزد آهن.
Subscribe to Updates
Get the latest creative news from FooBar about art, design and business.