سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ ڪچين آبادين بابت ڪيس ۾ وفاقي حڪومت کان ڪچين آبادين بابت پاليسي رپورٽ ٻن هفتن ۾ طلب ڪري ورتي.
جسٽس امين الدين خان چيو ته ڪچين آبادين کي ريگوليٽ ڪرڻ جو اختيار صوبن ۽ لوڪل گورنمينٽ جو آهي، جڏهن ته جسٽس جمال مندوخيل چيو ته صوبائي اختيار تي وفاقي حڪومت ڪهڙي قانون سازي ڪري سگهي ٿي.
جسٽس جمال مندوخيل چيو ته پهريان اهو ٻڌايو وڃي ته ڪچين آبادين جو مطلب ڇا آهي، بلوچستان ۾ ته سڀئي گهر ڪچا آهن.
جسٽس حسن اظهر رضوي چيو ته قبضا گروپ ندي نالن جي ڪنارن تي ڪچيون آباديون ٺاهيندا آهن، عوامي سهولتن جي پلاٽن تي ڪچين آبادين جا گهر ٺهي ويندا آهن، حڪومت ڪچين آبادين کي روڪڻ لاءِ ڪهڙا قدم کنيا آهن؟
سي ڊي اي جي وڪيل چيو سڀ کان پهريان ته ڪچين آبادين جي تعريف طئي ڪئي وڃي، سي ڊي اي 10 ڪچين آبادين کي نوٽيفاءِ ڪيو آهي.
جسٽس جمال مندوخيل چيو ته انهن ڪچين آبادين کانسواءِ جيڪڏهن ڪو قبضو آهي ته ان خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، غير قانوني قبضن کي ڪڍڻ لاءِ قانون موجود آهن.
سي ڊي اي جي وڪيل چيو ته عدالت قبضو ڇڏرائڻ خلاف منع نامي جو حڪم ڏنو آهي.
جسٽس محمد علي مظهر چيو ته جيڪڏهن منع نامو آهي ته عدالت مان ان کي ختم ڪرايو، حددخليون ڪيئن ٿينديون آهن؟ اداري جا ماڻهو پڻ ملوث هوندا آهن، سڀ کان پهريان هوٽل ٺهندو آهي، پوءِ هوريان هوريان آبادي ٿي ويندي آهي.
Subscribe to Updates
Get the latest creative news from FooBar about art, design and business.