سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ماضي ۾ ڀٽو کي ڦاهي نه پر پاڪستان جي مستقبل کي ڦاهي ڏني وئي.
سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڀٽو جي سالگرهه تي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ هن ٺهراءَ تي جيترو ڳالهائجي گهٽ آهي، اڄ پاڪستان وٽ جيڪو آئين ۽ قانون آهي، اهو ڀٽو جي ڪري آهي.
هن چيو ته آئين پاڪستان کي بدلائڻ ۽ ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، فوجي آمرن جن سياستدانن کي اسان تي مڙهيو، انهن به آئين ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي، پاڪستان ۾ اڄ به ڀٽو جهڙي ڪا شخصيت موجود ناهي.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان کي مسئلن مان ڪڍڻ لاءِ ڀٽو جهڙي ذهين شخصيت جي ضرورت آهي، ڀٽو پنهنجي زندگي جي پرواهه نه ڪندي هن ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻايو، سياسي مخالف پڻ پنهنجي جلسن ۾ ڀٽو جا مثال ڏيندا آهن، اڄ جي اڳواڻن ۽ ڀٽو ۾ زمين آسمان جو فرق آهي.
شرجيل ميمڻ چيو ته جيڪي پاڪستان جي سلامتي خلاف هر سودو ڪرڻ لاءِ تيار آهن، اهي اڳواڻ ڪيئن ٿا ٿي سگهن؟ ڪو مقابلو ناهي، پاڪستان ۾ رڳو هڪ ئي جماعت آهي، جنهن ملڪ لاءِ ڪم ڪيو.
Subscribe to Updates
Get the latest creative news from FooBar about art, design and business.