جي يو آءِ اڳواڻ راشد محمود سومرو چيو آهي ته بدقسمتي سان اسان جي سنڌ جي سياست کي نظر لڳي وئي آهي،هڪ پاسي قوم پرست ڌريون پاڻ ۾ دست گريبان نظر اچي رهيون آهن ،سنڌ جو امن تباهه تباهه لڳو پيو آهي،ماڻهو ٻه ويلا ماني لاءِ پريشان آهي ته ٻئي پاسي عوام لاءِ سياست ڪندڙ،عوام جي جان مال ۽ عزت جي تحفظ لاءِ سياست ڪندڙ ماڻهو هڪ ٻئي جي ڳچين ۾ هٿ وجهي ويٺا آهن،گهوٽڪي ۾ هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته اهو مناسب عمل ناهي،8فيبروري جي اليڪشن ۾ لاڙڪاڻي لاش کنيا، 20 جنوري تي ان جو فيصلو ٿيڻو آهي،ان فيصلي کان اڳ سهيل انور سيال جي آفيس ٻاهران هڪ اڻ وڻندڙ واقعو پيش آيو،هن چيو ته ان واقعي جي ايف آءِ آر معظم عباسي ۽ سندس پٽ خلاف ٿي،اهي ٻئي گاڏي ۾ موجود به نه هئا،گاڏي پوليس ڪسٽڊي ۾ آهي، هڪ جوابدار گرفتار ٿيل آهي،مان امن کي خدشي سبب معظم خان وٽ لنگهي ويس ۽ هن مون کي مان ڏنو پوءِ مان سهيل انور سيال جي گهر ويس هو موجود نه هو،ڪالهه وري ويس ته نواب سردار خان چانڊيو به اتي پهتو،مون سهيل انور سيال کي چيو ته شهر جو امن ۽ ماحول مقدم آهي،جڏهن گاڏي ۽ ماڻهو پوليس تحويل ۾ آهن ته ان کانپوءِ هن مسئلي کي ڊيگهه نه ڏيڻ گهرجي، هن چيو ته سهيل سيال مشورو ڪري جواب ڏيڻ جو چيو ،مان هن وقت تائين هن جي جواب جو منتظر آهيان،ماڻهو ڪو تڏي تي لنگهي وڃي ته خون به معاف ڪيا ويندا آهن، هن کي رات جو مون کي ۽ سردار خان چانڊيو کي مان ڏيڻ گهرجي ها،مان اڃا به اميد ڪريان ٿو ته مان ڏيندو، هن چيو ته ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي ڇو هٽايو ويو آهي، جيڪڏهن ان جو ان ڪيس سان تعلق ناهي ته تڏهن به ايس ايس پي کي بعد ۾ هٽائڻ گهرجي ها،ڪالهه شڪارپور ۾ هڪ مغوي کي ڌاڙيلن قتل ڪري لاش وارثن ڏانهن موڪليو پوءِ ٻڌايو ته ايس ايس پي شڪارپور عهدي تان هٽيو؟گهوٽڪي مان 3 ماڻهو اغوا ٿئي کي 8 ڏينهن ٿي ويا آهن،اسان پوليس کي منٿون پيا ڪريون،مان پاڻ ايس ايس پي گهوٽڪي سان ڳالهايو آهي پوءِ به ايس ايس پي ڪرسي تي ويٺو آهي،فائرنگ ٿئي ٿي ته ايس ايس پي هٽايو وڃي ٿو ان ڪري ته طاقتور ڌر جي آفيس جي ٻاهران فائرنگ ٿي آهي،سنڌ حڪومت کي ٻٽو معيار ختم ڪرڻو پوندو، جيڪڏهن فائرنگ واقعي تي ايس ايس پي هٽي سگهجي ٿو ته مغوي قتل ٿيڻ تي ايس ايس پي ڇو نٿو هٽائي سگهجي؟ اهو ۽ آءِ جي سنڌ جوابدار ڇو نٿا ٿي سگهن،رڳو طاقتورن کي پوليس تحفظ ملندو؟رڳو حڪومتي ڌر کي تحفظ ملندو؟ صرف انهن جي جان ،مال آبرو جي ڳڻتي رهندي باقي غريبن جي ڪا به جان ناهي؟ غريب جي مال جي ڪنهن کي به ڳڻتي ناهي پوءِ روٽي ڪپڙا ۽مڪان وارو نعرو ڪاڏي ويندو؟ هن چيو ته هتي طاقتور ڏينهون ڏينهن طاقتور بڻجي رهيو آهي ۽ غريب جي ڪو به مالڪي ڪرڻ وارو ناهي،هن چيو ته سهيل انور سيال کي وڏائپ جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي ها،هن مٿان وڌيڪ ذميواريون اچن ٿيون، مان شهر جي امن لاءِ هن وٽ سئو ڀيرا لنگهي وڃڻ لاءِ تيار آهيان