ماضي جي مشهور ڀارتي اداڪارا ممتا ڪلڪرني پنهنجي ذاتي زندگي ۾ ڪجهه اهڙا فيصلا ڪيا جو هوءَ اڃا تائين هڪ تڪراري اداڪارا طور سڃاتي ويندي آهي، جيڪا اڄڪلهه هڪ ڀيرو ٻيهر خبرن جي زينت بڻيل آهي.
ممتا ڪلڪرني 90 جي ڏهاڪي ۾ بالي ووڊ جي ڪامياب اداڪارائن مان هڪ هئي پر گهڻي شهرت کيس هضم نه ٿي سگهي ۽ هوءَ اوچتو انڊسٽري کان پري هلي وئي.
اداڪارا پنهنجي شهرت جو غلط استعمال ڪيو ۽ پنهنجي ذاتي زندگي ۾ ڪجهه اهڙا فيصلا ڪيا، جنهن سبب هوءَ اڃا تائين هڪ تڪراري اداڪارا طور سڃاتي ويندي آهي.
ممتا جو نالو انڊر ورلڊ ڊان ڇوٽا راجن سان جوڙيو ويو ۽ 1998 ۾ ٻنهي جي لاڳاپن جون خبرون گردش ڪرڻ لڳيون.
فلم ”چائنا گيٽ“ دوران ان تي ڪيترائي الزام لڳا ۽ چيو ويندو آهي ته چوٽا راجن جي ڌمڪين کانپوءِ ئي ممتا کي ٻيهر فلم ۾ شامل ڪيو ويو، پوءِ هن فلمسازن تي الزام هنيو ته هنن ڄاڻي واڻي سندس ڪردار کي گهٽ ڪري ارميلا کي وڌيڪ ترجيح ڏني، جنهن فلم جي آئٽم نمبر ”ڇما ڇما“ تي پرفارمنس ڏني هئي.
ممتا دبئي ۾ ڪيترائي شوز ڪيا ۽ اتي ئي ان جي ملاقات وڪي گوسوامي سان ٿي، جيڪو هڪ مشهور عالمي ڊرگ سمگلر هو، پوءِ جڏهن گوسوامي گرفتار ٿيو ته چيو ويندو آهي سندس ڪاروبار کي ممتا سنڀاليو، 2016 ۾ هڪ منشيات ڪيس ۾ سندس نالو آيو هو.
ماضي جي اداڪارا تازو دعويٰ ڪئي آهي ته هوءَ گذريل 23 سالن کان روحاني سفر تي هئي ۽ دنياوي زندگي کان ڪنارو ڪري چڪي آهي.
واضح رهي ته ممتا ڪلڪرني مها ڪنڀ ميلي ۾ سنياسن جو روپ ڌاريو.
Subscribe to Updates
Get the latest creative news from FooBar about art, design and business.