راولپنڊي : اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي خلاف 190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو هڪ ڀيرو ٻيهر ملتوي ٿي ويو.
عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي 190 ملين پائونڊ ريفرنس ۾ سزا ٿيندي يا نه؟ ان حوالي سان احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد راڻا کي سڀاڻي فيصلو ٻڌائڻو هو.
عدالت فيصلو 18 ڊسمبر تي محفوظ ڪيو هو، اڳ ۾ فيصلي جي تاريخ 23 ڊسمبر مقرر ڪئي وئي پر اها ملتوي ڪندي نئين تاريخ 6 جنوري مقرر ڪئي وئي هئي.
ذريعن موجب ريفرنس جو فيصلو هڪ ڀيرو ٻيهر ملتوي ڪيو ويو آهي ۽ فيصلو سڀاڻي نه ٻڌايو ويندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته فيصلي جي نئين تاريخ بابت سڀاڻي وڪيلن کي آگاهه ڪيو ويندو.