اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ڪو به صوبو ڪنهن ٻئي صوبي جو پاڻي نٿو کڻي سگهي.
سکر ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عوام پاڪستان پارٽي جي سربراهه شاهد خاقان عباسي چيو ته سنڌ جو عوام 6 ڪينالن جي معاملي تي پريشان آهن، ڪو به صوبو ڪنهن ٻئي صوبي جو پاڻي نٿو کڻي سگهي.
هن چيو ته حڪومت ۽ مخالف ڌر جون ڳالهيون پارليامينٽ ۾ ٿيڻ گهرجن، انهن کي عوام ۽ ملڪ جي ڪا به پرواهه ناهي، اڄ هر پاڪستاني پريشان آهي، ملڪ ۾ نفرت هوندي ته ٻاهرين مداخلت ٿيندي.
سندس چوڻ هو ته جتي انصاف نه هجي، اتي نظام نٿو هلي سگهي، سکر ۾ تنظيم سازي لاءِ آيا آهيون، مختلف شخصيتون پارٽي ۾ شامل ٿيون آهن.
شاهد خاقان عباسي چيو ته منشور سڀني پارٽين وٽ آهي پر ڪو به ڊيليور نٿو ڪري، منهنجي ن ليگ سان ڪا ناراضگي ناهي، جڏهن ن ليگ اقتدار کي عزت ڏني ته مان عليحدگي اختيار ڪئي
Subscribe to Updates
Get the latest creative news from FooBar about art, design and business.