پاڪستان جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جو 148 هون جنم ڏهاڙو اڄ سڄي ملڪ ۾ روايتي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي.
ڏينهن جي شروعات وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۽ صوبائي گادي وارن شهرن ۾ توپن جي سلامي سان ٿي، جنهن ۾ پاڪ فوج جي جوانن ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي.
باباءِ قوم قائد اعظم محمد علي جناح جي ڄمڻ تي اڄ سڄي ملڪ ۾ عام موڪل آهي، جڏهن ته سرڪاري ۽ غيرسرڪاري ادارا مختلف تقريبون ڪوٺائيندا.
پاڪستان جي بانيءَ جي جنم ڏينهن تي گارڊن جي تبديلي جي پروقار تقريب مزار قائد تي منعقد ٿي، جتي پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول جي دستي گارڊن جا فرض سنڀاليا.
باباءِ قوم جي جنم ڏينهن جي موقعي تي گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، صوبائي ڪابينا، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، ٻين اعليٰ سول ۽ فوجي اختيارين سميت شخصيتن مزار قائد تي حاضري ڏيندا ۽ فاتحه خواني ڪندا، جتي هو قائد اعظم جي خدمتن کي ياد ڪندا ۽ کيس ڀيٽا پيش ڪندا.
Subscribe to Updates
Get the latest creative news from FooBar about art, design and business.