سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ مسيحي برادريءَ پاران اڄ ڪرسمس جو ڏڻ مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي.
ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، شهيد بينظير آباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي سميت ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ ڪرسمس جي وڻن سميت گرجاگهرن کي سينگاريو ويو.
سڄي دنيا ۾ گرجاگهرن ۾ خاص عبادتون ۽ دعائون ٿي رهيون آهن.
وزيراعظم شهباز شريف ۽ صدر آصف علي زرداري طرفان مسيحي برادريءَ کي ڪرسمس جي موقعي تي مبارڪباد پيش ڪئي وئي آهي.
ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن چيو ته حضرت عيسيٰ دنيا ۾ امن، محبت ۽ انسانيت جو پيغام آڻيندڙ آهي.