قازقستان جي شهر اڪتائو ۾ آذربائيجان جو مسافر جهاز ڪِري تباهه ٿي ويو، جنهن جي نتيجي وڏي جاني نقصان جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، جهاز ۾ عملي جي 5 ماڻهن سميت 72 مسافر سوار هئا، جن مان 14 مسافرن کي اسپتال نيو ويو آهي.
رپورٽس موجب، ٻين مسافرن بابت اڃا تائين ڪو اطلاع ناهي مليو، جڏهن ته اسپتال منتقل ڪيل مسافرن مان چئن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.
حادثي جو شڪار ٿيندڙ جهاز آذربائيجان جي راڄڌاني باڪو کان روس جي ماتحت هيٺ جمهوريه چيچن جي گادي واري شهر گروزني وڃي رهيو هو، پر ڪوهيڙي سبب جهاز جو رستو تبديل ڪيو ويو.
فوري طور تي حادثي جي سبب جو تعين ناهي ٿي سگهيو، پر اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته جهاز اُڏام دوران پکين جي ولر سان ٽڪرايو هو.
قازقستان جي هنگامي معاملن واري وزارت جو چوڻ آهي ته ايمرجنسي سروسز حادثي واري هنڌ تي باهه وسائڻ جو ڪم ڪري رهيون آهن.
حادثي کان اڳ جهاز اڪتائو ايئرپورٽ جي مٿان ڪيترائي چڪر به لڳايا هئا.
Subscribe to Updates
Get the latest creative news from FooBar about art, design and business.